ٽوڙهي ڦاٽڪ وارو واقعو

ٽوڙهي ڦاٽڪ وارو واقعو: هيءُ واقعو جنرل ضياءَ جي مارشل لا واري دور ۾ پيش آيو، جنهن 1977ع ۾ پ.پ.پ جي عوامي حڪومت کي سازش سان ختم ڪري، آمريت مڙهي ۽ ساڳئي وقت مزاحمت ڪندڙ هر طبقي کي تشدد ۽ جبر جو نشانو بڻايو ويو. انهيءَ ئي دور ۾ سازش تحت سنڌ جا تعليمي ادارا تباهي ڪناري آندا ويا، ڪلاشنڪوف ڪلچر عام ٿيو، ڌاڙيل پئدا ٿيا ۽ ڳجها هٿ وطن دوست نوجوانن کي به نشانو بڻائڻ ۾ مصروف هئا. ان جو وڏو ثبوت ٽوڙهي ڦاٽڪ وارو واقعو آهي، جيڪو 17 آڪٽوبر 1984ع تي سنڌي شاگردن سان پيش آيو. علم جي سرزمين ڄامشوري جي سنڌ يونيورسٽيءَ، مهراڻ يونيورسٽيءَ ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج (هاڻوڪي يونيورسٽي) جا ڳڀرو شاگرد جڏهن لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ نون شاگردن کي ڏنل آجياڻي تقريب ۾ شرڪت لاءِ يونيورسٽيءَ جي بسن ۾ نڪتا ته رستي ۾ مانجهند ڀرسان ٽوڙهي ڦاٽڪ بند هئڻ سبب کين ترسڻو پيو. اوچتو ورديءَ ۾ هڪ آفيسر آيو، جنهن بسن کي ٽوڙهي واري ميدان ۾ لاهڻ جو حڪم ڏنو، شاگردن ان آفيسر کان سبب پڇيو، پر ان دوران اوچتو اوسي پاسي ۾ لڪل قانون نافذ ڪندڙ اهلڪارن شاگردن جي بسن تي شديد فائرنگ ڪري ڏني، ان قهري ڪارروائيءَ ۾ ٻئي بسون تباهه ٿيون ۽ گهٻراهٽ مان زخمي ٿيل شاگرد هڪ ٻئي مٿان سٿجي ڪري پيا، پر فائرنگ جاري رهي، نتيجي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جا ٻه شاگرد انور عباسي، امان الله وسطڙو، مهراڻ يونيورسٽيءَ جا ٻه شاگرد عبدالمالڪ خشڪ ۽ ذڪريا ميمڻ شهيد ٿي ويا. انهن چئني شاگردن سان گڏ بس جو ڊرائيور مٺو بليدي پڻ شهيد ٿيو ۽ ٻين سڀني شاگردن کي جسم تي گولين ۽ شيشن جا زخم رسيا. اهو منجهند جو ٽائيم هو، پر وحشي سوچ رکندڙ انهن اهلڪارن طبي امداد ڏيارڻ بجاءِ ڪجهه شاگرد اڳواڻن کي پٽ تي زخمي حالت ۾ اونڌو سمهاري وڌيڪ تشدد ڪيو ۽ شهيدن جا لاش شام تائين اتي ئي پيل هئا ۽ اسپتال بجاءِ ڪيترن ئي زخمي شاگردن کي گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو.
افسوس ته اهو جو ان قيامت خيز واقعي کي ڪوڙو رنگ ڏيئي سرڪاري ٽي. ويءَ تي خبر نشر ڪئي وئي ته انهن بسن ۾ ڏوهاري هئا، جن ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ بيٺل پوليس تي بلا جواز فائرنگ ڪئي ۽ جوابي فائرنگ سان گڏ پنهنجي فائرنگ ۾ سندن پنج ساٿي مارجي ويا! پر اهو ڪوڙ جٽادار ثابت نه ٿي سگهيو ۽ صبح سان ئي اصل حقيقت سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلجي وئي ته اهي ڏوهاري نه پر سنڌ ۽ مهراڻ يونيورسٽين جا شاگرد هئا. ان واقعي خلاف غم ۽ غصي ۾ عام ماڻهو به مزاحمت ۾ روڊن تي نڪري آيا ۽ ڪيترائي ڏينهن سوڳ ۾ تعليمي ادارا بند رهيا. ان ردعمل ۽ عوامي دٻاءَ سبب بس مان گرفتار ڪيل شاگردن کي آزاد ڪيو ويو، تن مان گل محمد جکراڻي، ستار موريو، اقبال تنيو، ڊاڪٽر دودو مهيري، عمر زرداري، نذير تنيو ۽ سڪندر ميراڻيءَ کي قيد رکيو ويو. هي مشهور ڪيس، نامياري جسٽس (ر) عبدالسلام ٿهيم هلايو هو.
ٽوڙهي ڦاٽڪ واقعي ۾ شهيد ٿيل شاگردن کي اڄ به عوامي توڙي سياسي ڌرين ۾ ياد ڪيو ٿو وڃي ۽ سندن هر سال ورسي پڻ ملهائي ويندي آهي.


لفظ ٽوڙهي ڦاٽڪ وارو واقعوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو